ڪلوئي شھر

ڪلوئي شھر

ڪلوئي شھر

ڪلوئي (شھر): پراڻي هاڪڙي درياءَ جي ڪناري تي آباد ڪلوئي شھر کي ٿر ۽ لاڙ جو سنگم سڏيو وڃي ٿو. هي شھر ڪافي ڀيرا ويران ۽ آباد ٿيو. ڪلوئي شھر کان هڪ ڪلو ميٽر پري هاڪڙي جي ڪناري تي ٽيڪراج جي ماڙي هئي، جنھن کي ”ٽيڪا ماڙي“ سڏيو ويندو هو. ٽيڪراج رياستي ڪاروهنوار ۾ اثر رسوخ وارو شخص هو. ٽيڪا ماڙي کان 4 ڪلو ميٽر اتر طرف ’ارڻي جو دڙو‘ هو، جتيارڻي‘ نالي شھزادي هاڪڙي جي ڪناري رهندي هئي. شھر کان 2 ڪلو ميٽر اوڀر ۾ ’مھرانڊ‘ نالي وڏي ڍنڍ آهي. اصل ۾ اها هاڪڙي جي ڇاڙ هئي جيڪا ’مھراڻ‘ مان ’مھرانڊ‘ نالي سڏجڻ لڳي. هاڪڙي درياءَ تي ان وقت ٻيڙين ذريعي واپار ڪيو ويندو هو. هاڪڙي تي ڪاروبار لاءِ وڏا پتڻ موجود هئا، جن مان باغ پتڻ، ونگو پتڻ ۽ ڄار پتڻ اڄ به مشھور آهن. سنڌ جا ٽالپر حڪمران، شڪار لاءِ هتي ايندا هئا، جن جا قبا اڃا تائين پراڻ ڪناري خسته حال ۾ موجود آهن. 2011ع جي ٻوڏ دؤران ’ڄار پتڻ‘ کان ’ٻنوهار‘ تائين پاڻي بيھڻ سبب ٽي سال وڏي پيماني تي مڇي ٿي، جنھن جا ٺيڪا لکين روپين ۾ نيلام ٿيا.
ڪلوئي شھر تي ’ڪلوئي‘ ذات جي ماڻهن جي رهڻ ڪري نالو پيو. هن وقت سؤ کان مٿي ڪلوئين جا گهر آهن. شھر ۾ ڪلوئي لنڊ، ميگهواڙ، ڀيل، گرڙا، نھڙيا ۽ ٿورائي ۾ ٻين ذاتين وارا ماڻهو رهن ٿا.
ڪلوئي ٿرپارڪر جي سياست جو مرڪز رهيو آهي. بدين ضلعي جي ويجهو هجڻ سبب بدين ضلعي تي ڪلوئيءَ جو ڪافي اثر آهي. ڪلوئي کان 12 ڪلو ميٽر اولهه پاسي کوسڪي شوگر ملز آهي. 40 ڪلوميٽرن تي بدين، 10 ڪلو ميٽرن تي پنگريو، اوڀر ۾ 50 ڪلو ميٽرن تي مٺي ۽ اتر ۾ 20 ڪلو ميٽرن تي نئون ڪوٽ شھر موجود آهن. ڪلوئي ۾ ونگي پتڻ ويجهو ڪيترائي سرن جا بٺا، پوري ٿر ۽ ڪراچيءَ کي سِرون مھيا ڪن ٿا. 2015ع ۾ ڪلوئي شھر کي ٿرپارڪر جي تعلقي جو درجو ڏنو ويو. 20 هزار آباديءَ جي شھر ڪلوئيءَ ۾ بوائز هاير سيڪنڊري اسڪول، ڊگري ڪاليج، نادرا آفيس، مختيارڪار، اسسٽنٽ ڪمشنر جا دفتر ۽ رورل هيلٿ سينٽر، جون عمارتون موجود آهن. شھر جون ٽي يونين ڪائونسلون بئراجي علائقي ۾ هئڻ سبب 1936ع ۾ مٺڙائو ڪئنال مان ٿر واهه ڪڍيو ويو، جنھن کي نئون ڪوٽ کان پوءِ رڻ شاخ جو نالو ڏنو ويو. اڳتي هلي 18 ميل وٽان ٻه شاخون: رڻ مائينر ۽ ڏيپلاڻ مائينر ڪڍيون ويون. پاڪستان ٺھڻ کان اڳ هتي ميرن، سکن ۽ ديوانن جون زمينون هيون. ڪاجهر تائين رڻ شاخ جو پاڻي سيراب ڪندو هو. ڀٽن جي اوٽ تائين فصل هوندا هئا. هتي جون زميون زرخيز آهن. ڀُٽي صاحب جي زرعي اصلاحات تحت ڪاجهر جون زمينون بي زمين هارين ۾ ورهايون ويون، جنھن ۾ ڪافي زمين مير الھبچائي ٽالپر جي هئي. هتي ڪپھه ۽ مرچ جا فصل اٺن ۽ بيل گاڏين ذريعي ڪنري ۽ جهڏي جي مارڪيٽ ۾ پھچايا ويندا هئا. ڏڪار جي حالت ۾ سڄي ٿر جا مارو ماڻهو هتي اچي مزدوري ڪندا آهن. 1985ع کان رڻ شاخ ۾ پاڻي گهٽجڻ سبب پوڇڙ تباهه ٿي وئي آهي. ٿرپارڪر ڏانھن اچڻ وڃڻ وارو ٿر ڪول روڊ به ڪلوئي مان ئي گذري ٿو. ٻوڏ جي وقت بدين ۽ لاڙ جا مارو ماڻهو ڪلوئي تعلقي جي ڀٽن تي اچي خيما کوڙيندا آهن. پيپلزپارٽيءَ سان وابسته ڪامريڊ محمد خان لنڊ هتي جو مشھور سياستدان آهي.


لفظ ڪلوئي شھرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو